گڏي قومون – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان زور ڏنو آهي ته افغانستان جي ??نساني صورتحال سنگين آهي ان ڪري بين الاقوامي برادري نئين تبديلي تي متفقا نظريو اختيار ڪري ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي ??حالي ۾ مدد ڪري ڇو جو مسابقتي ۽ غير متفقا نظريي سان افغانستان ۽ سموري خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ خوشحالي جي موقعن کي نقصان پهچندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل ۾ افعانستان جي ??ورتحال تي بحث دوران آئرلينڊ جيڪو سيپٽمبر جي مهيني لاءِ سلامتي ڪائونسل جو صدر آهي، جو ٿورو مڃيو جن??ن افغانستان جي ??ورتحال تي پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي ??رڪت کي يقيني بڻايو آهي جڏهن ته ان جي ??بتڙآگسٽ ۾ ڀارت سلامتي ڪائونسل جي ??دارت دوران افغانستان تي ڪائونسل جي ??جلاسن ۾ پاڪستان جي ??رڪت جون درخواستون رد ڪيون هيون. پاڪستاني نمائندي منير اڪرم چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا، ڇڪتاڻ ۽ ماضي جي ??ڪومتن جي ناڪامي ۽ ڪرپشن سبب افغانستان ۾ انساني صورتحال خوفناڪ آهي جتي هڪ ڪروڙ 80 لک ماڻهن کي فوري مدد جي ??رورت آهي ان ڪري اسانکي افعانستان جي ??ورتحال کي وڌيڪ بدترين ٿيڻ کان روڪڻو پوندو جن??ن سان پناهگيرن جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ اهو امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ کي ڏکيو بڻائي سگهي ٿو. هن ان سلسلي ۾ افغانستان ۾ گڏيل قومن جي ??مدادي مشن جي ??ربراهه ۽ گڏيل قومن جي ??اص نمائندي ڊيبواليونز جي ??ن مطالبي جي ??مايت ڪئي جن??ن ۾ هن افغانستان لاءِ ان جي مالي وسيلن تائين پهچ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته مالي وسيلن تائين پهچ افغانستان ۾ معاشي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ضروري آهي. هن گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش جي 13 سيپٽمبر تي جينوا ۾ بين الاقوامي امدادي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي قدم جي پڻ ساراهيندي زور ڏنو ته عالمي برادري دل کولي امداد ڪري ڇو جو افغانستان اڄ پنهنجي ??اريخ جي نازڪ موڙ تي بيٺو آهي ۽ افغان عوام بين الاقوامي برادري جي ??هڪار سان امن جي ??حالي ۽ ترقي جي ??مڪانن کي زنده ڪري سگهي ٿو.