اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، پاڪستان عالمي ??من ۽ استحڪام لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪستان جون خدمتون ان امر جو عملي نمونو آهي گڏيل قومن جو ميمبر هئڻ ج?? باوجود هندستان جي ظلم، بربريت ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي عالمي ??رادري کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو، افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻين ڪوششن کي عالمي ??رادري پاران ساراهيو پيو وڃي. عالمي ??من جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عالمي ??من ۽ استحڪام جي لاءِ هن وقت تائين پاڪ فوج جا 161 جوان شهيد ٿ?? چڪا آهن، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام عالمي ??من جي قيام لاءِ شهيد ٿ??ندڙ پاڪ فوج جي نوجوانن کي سلام پيش ڪري ٿي، هن چيو ته خطي ۾ هندستان جي والاريل ڪشمير ۾ بدامني ۽ ظلم ڪنهن کي نظر نٿو اچي. هن چيو ته پرامن افغانستان ئي پرامن پاڪستان آهي، هن چيو اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز کي به سلام پيش ڪريون ٿا جنهن دائمي ??من ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، هن چيو ته پاڪستان نه رڳو پنهنجي ڌرتي پر عالمي ??من لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو.