اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دنيا کي هن نازڪ موڙ تي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي نئين دور جي شروعات ڪري سگهجي ٿي، عالمي برادري تي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي حوالي سان گڏيل ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. سي اين اي تي پنهنجي هڪ مضمون ۾ پرڏيهي وزير چيو ته دنيا جون نظرون هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان ??ي آهن. عالمي برادري جي صورتحال تي ڳڻتي آهي. چئلينج اهو آهي ته افغانستان ۾ پنهنجي پنهنجي مفادن کان مٿانهون ٿي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪيو وڃي. چار ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ??اري تڪرارن افغان ??وام کي وڏو جاني نقصان پهچايو آهي. انهن کي انهن مصيبتن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ??فغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ڏسڻ جو سڀ کان وڌيڪ خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار کان وڌيڪ جانيون قربان ڪيون، 4 ملين کان وڌيڪ پناهگيرن جي ميزباني ڪئي ۽ 50 ارب آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان کنيو. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته الزام بازي جي راند ۽ غيرحقيقي اميدن اسان کي آزمايو آهي، پر اسان ??فغانستان ??ي استحڪام جي پنهنجي عزم تي سدائين ثابت قدم رهيا آهيون. آمريڪا ۽ طالبان ??ي وچ ۾ طئي ٿيل ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان ??و تعميري ڪردار اهم هو. هن چيو ته 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ جڏهن طالبان ڪابل ۾ داخل ٿيا ۽ صدارتي مهل تي قبضو ڪري ورتو ته پاڪستان ڪابل ۾ پنهنجو سفارتخانو کليل رکيو جڏهن ته پاڪستان ??نٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) سفارتي مشنز، عالمي تنظيمن، اين جي اوز ۽ ميڊيا ادارن جي ميمبرن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته افغانستان ??ي تاريخ جو رخ بدلجي ويو آهي، پر اسان ??طي ۾ استحڪام جي نئين دور جي شروعات ڪري سگهون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته افغان ??وام جي حوالي سان ??قيقي همدردي ۽ هڪ انسان ??وست موقف جي ضرورت آهي. ان ??ان گڏوگڏ اسان ??ولهه تي زور ڏيڻ چاهيون ٿا ت?? اهي پنهنجي معاشرتي نظريي موجب افغان معاشرو قائم ڪرڻ جي رجحان کي ختم ڪن. پاڪستان ??فغان معاشري جي گهڻ قوميتي ڪردار جي احترام جي لاءِ هڪ ٺوس موقف جي حق ۾ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ??نساني حقن جي تحفظ، خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين جي ۽ افغان ??بادي جي انتهائي ڪمزور طبقن جي تحفظ جي حمايت ڪريون ٿا. اسان ??هڙي افغانستان کي ڏسڻ چاهيون ٿا جيڪو پاڻ سان گڏوگڏ پنهنجي پاڙيسرين ۽ دنيا سان ??من ۾ هجي. عالمي برادري وانگر اسان ??ه ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا ت?? افغانستان ٻيهر دهشتگردن جي پناهگاهه نه بڻجي وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته طالبان پاران ٿيندڙ اعلان ??من قائم ڪرڻ، استحڪام وڌائڻ ۽ مفاهمت جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جا عڪاس آهن. اسان ??ڀني کي انهن بيانن ۽ اشارن جي حوصلا افزائي ۽ حمايت ڪرڻ گهرجي. عالمي امداد جي حوالي سان ??سان کي افغانستا کي اڪيلو ڇڏڻ جي انساني همدرديج ي نتيجن کان ??گاهه رهڻ گهرجي. اسان کي يقين آهي ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ جيڪو ڪجهه افغانستان ۾ خرچ ڪيو ويو ان ??و هڪ ننڍڙو حصو به ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ان ??ان نه رڳو علائقائي امن ۽ استحڪام جو فائدو ٿيندو پر منش??ات جي اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ ۾ پڻ مدد ملندي. دنيا کي ان ??هم موڙ تي افغان ??وام کي اڪيلو ڇڏڻ نه گهرجي.