استنبول – 10 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان ??طر سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ جي ذريعي انهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ڊپٽي اسپيڪر استنبول ۾ اهڙن خيالن جو اظهار ( پي يو آءِ سي) جي 16 هين اجلاس جي موقعي تي ??طر جي ڊپٽي اسپيڪر سان ٿيندڙ سائيڊ لائين گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ٻه طرفي علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن جي ويجهو آڻڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ دفاعي شعبن سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته پاڪستان ۾ هنرمند افرادي قوت موجود آهي جيڪا ??طر ۾ منعقد فيفا ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ انفرااسٽرڪچر جي تعمير ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ بهرين خدمتون سرانجام ڏئي سگهي ٿي. ??طر جي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان اسلامي دنيا جو هڪ اهم ملڪ اهي ۽ ??طر پاڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي تجويز سان اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر کانسواءِ سينيٽر رانا مقبول احمد ۽ ترڪي ۾ پاڪستاني سفير محمد سائرس سجاد قاضي به موجود هئا.