اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ترڪي ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ميڊيا رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ٽيليويزن قائم ڪيو ويندو، ميڊيا حصيداري جي لاءِ فوڪل پرسنز ٺاهيا ويا آهن، جوائنٽ ميڊيا نيٽ ورڪ جوڙينداسين، او آءِ سي پ??يٽ فارم تحت اسڪالرز جو اهڙو يونٽ جوڙيو وڃي جيڪو مذهبي مسئلن ۾ رهنمائي ڪر?? سگهي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي او آءِ سي اجلاس جي موقعي تي مختلف نمائندن سان ملاقاتون ٿيون، افغانستان جي صورتحال بنيادي موضوع رهي، وزيراعظ?? رحمت للعالمين اٿارٽي جو پڻ خاص طور تي ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ترڪيءَ ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ميڊيا رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ٽيليويزن قائم ڪيو ويندو، ميڊيا حصيداري جي لاءِ فوڪل پرسنز ٺاهيا ويا آهن، جوائنٽ ميڊيا نيٽ ورڪ جوڙينداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ شدت پسندي جي معاملن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، او آءِ سي پ??يٽ فارم تحت اسڪالرز جو اهڙو يونٽ جوڙيو وڃي جيڪو مذهبي مسئلن ۾ رهنمائي ڪر?? سگهي. هن چيو ته رحمت للعالمين اٿارٽي جي ذريعي سمورن ا??ڪالرز کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته او آءِ سي تحت اهڙو فورم جوڙڻ جي ڪوشش ڪر?? رهيا آهيون جيڪو مذهبي بحث ۾ ايندڙ مسئلن کي حل ڪر?? سگهي. هن چيو ته رحمت للعالمين اٿارٽي جي دائري کي سگهه ڏني ويندي، او آءِ سي تحت اهڙو ئي يونٽ جوڙيو ويندو.