اسلام آباد – 27 جنوري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته پي ايس ايل 7 جو شاندار آغاز آهي، ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب چيو ته پي ايس ايل ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ٽيلينٽڊ نوجوان ڪرڪيٽرز جي خوابن کي حقيقت جو روپ ڏن?? آهي، ٽورنامينٽ ۾ چاهي جيڪا به ٽيم کٽي پر اصل ڪاميابي پاڪستان جي هوندي.