اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مر??م اورنگزيب پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. اطلاعات وا??ي وزارت ۾ پنهنجي آفيس اچڻ تي اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جي ??ين اعليٰ آفيسرن اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزير جي شاندار آجيان ڪئي، کيس وزارت جي ??عاملن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. مر??م اورنگزيب ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پختو يقي?? رکي ٿي. هن چيو ته ميڊيا هائوسز، تنظيمن ۽ صحافتي برادري جي ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. وفاقي وزير پيڪا آرڊيننس 2016ع تي سمورين ڌرين سان مشاورت ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي ??ثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي ??اءِ سوشل ميڊيا کي فعال بڻايو ويندو ۽ رياست ۽ ان جي ادارن جي خلاف منفي پروپئگنڊه ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ حڪومت جي اهم ترقياتي منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ڊرامي ۽ فلم انڊسٽري جي ??روغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي ۽ اي پي پي سميت وزارت جي سمورن اهم ادارن تي هن وقت ملڪ جي ??وجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ عوام کي صحيح معلومات جي ??راهمي جي ??اءِ وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، اطلاعات وا??ي وزارت جي عوام کي ٺوس معلومات ۽ خبرن جي ??راهمي ۾ اهم ڪردار کي فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اطلاعات وا??ي وزارت جا سمورا ادارا عوامي ??فا?? جي ڏس ۾ پيشيواراڻي معاملن کي بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيندا. سندس چوڻ هو ته اطلاعات وا??ي وزارت ۽ ميڊيا ادارن جي ??چ ۾ رابطن جو فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري، پي ٽي وي جي ايم ڊي ۽ اي پي پي جي ايم ڊي سميت وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.