لاهور – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو آهي ته عوام مهانگائي ۾ پيڙهيل آهي، غريب خاندان رلي ويا آهن، پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو دل تي پٿر رکي ڪيو، سوا ڪروڙ مستحق خاندانن کي رليف فراهم ڪرڻ لا??ِ 28 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، نواز ??ريف ايٽمي ڌ??اڪ?? جي وقت پنج ارب ڊالر جي آڇ قبول ڪرڻ بدران ملڪي مفاد ۽ دفاع کي ترجيح ڏني. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته موجوده حالتن ۾ غريب خاندان رلي ويا آهن، هڪ وقت جي ماني، علاج لا??ِ پئسا ۽ نوڪري نه آهي، محمد شهباز ??ريف چيو ته پيڙهيل ماڻهن لا??ِ 28 ارب روپين جي فنڊز جو پيڪيج جو آغاز ڪري رهيا آهيون جنهن تحت غريب گهراڻن کي 2 هزار روپيا ماهوار ڏنا ويندا، وزيراعظم چيو ??ه اسان جي اولين ترجيح معيشت جي بحالي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ آهي جنهن جي لا??ِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ??ه ايٽمي ڌ??اڪ?? جي وقت اڳوڻي وزيراعظم نواز ??ريف کي هر قسم جي لالچ ڏني وئي، پر هو نه ته ڪنهن ڌمڪي ۾ آيو نه ئي غير ملڪي سربراهن سان سخت لهجي ۾ ڳالهه ڪئي ۽ آمريڪي صدر سان انتهائي سٺي انداز ۾ چيو ته توهان 5 ارب ڊالر جي جيڪا آڇ ڪري رهيا آهيو ان تي توهان جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، مون کي پاڪستان جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي، اسان پاڪستان جي دفاع تي حرف نه اچڻ ڏينداسين.