اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ صح?? جي شعبي جي بهتري لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کڻندي سڄي ملڪ ۾ سي پي آر ٽريننگ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايمرجنسي حالتن ۾ حياتي بچائيندڙ عالمي معيار جي سي پي آر تربيت لکين زندگي??ن بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ان حوالي سان اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه کي فوري قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته حياتي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ کي اسڪولن جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو. سلمان صوفي چيو ته ان کانسواءِ هر شهر کي سي پي آر جي تربيت ڏيڻ به مهم جو حصو هوندو، ايندڙ هفتي ان ملڪ گير مهم جي حوالي سان مڪ??ل حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. سلمان صوفي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف صح?? جي شعبي ۾ ميرٽ جي بالادستي، عالمي معيار جي تعليم ۽ پنجاب صوبي ۾ اسپتالون قائم ڪرڻ کي يقيني بڻايو. وزيراعظم وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ قومي سطح تي صح?? جي شعبي ۾ سڌارن جو پرو??را?? شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ملڪ گير حياتي بچائيندڙ سي پي آر جي تربي?? جي مهم ان سلسلي جي پهرين ڪڙيءَ آهي.