لاهور – 20 – جون (اي پي پي) لاهور جي احتساب عد??لت رمضان شگر ملز ريفرنس ڪيس ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر، وزيراعظم شهباز ??ري?? پاران مستقل حاضري کان ڇوٽ جي ڏنل درخواست منظور ڪري ورتي، عد??لت وزيراعظم شهباز ??ري?? کي پيشي کان مستقل ڇوٽ ڏئي ڇڏي، احتساب عد??لت نمبر 5 جي جج محمد ساجد علي اعواڻ رمضان شگر ملز ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وزيراعظم شهباز ??ري?? عد??لت ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز پاران بجيٽ سيشن جي مصروفيتن جي ڪري ??ڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن کي عد??لت منظور ڪري ورتي. وزيراعظم شهباز ??ري?? ٻڌڻي دوران عد??لت ۾ بيان ڏيندي چيو ته چنيوٽ ۾ نالي جي تعمير مقامي ايم پي اي جي درخواست تي ڪئي وئي جنهن جي لاءِ صوبائي ڪابينا جي منظوري به ورتي وئي هئي، مون پنجاب جي وڏي وزير جي طور تي سدائين عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني آهي، ڪمند جي قيمت مقرر ڪندي شوگر ملن بدران آبادگارن جي مفادن کي نظر ۾ رکيو ويو، وزيراعظم شهباز ??ري?? چيو ته جڏهن به عد??لت گهرايو مون پنهنجي پيشي کي يقيني بڻايو، ڇاڪاڻ جو اهو منهنجو فرض به آهي ۽ ذميداري به، هاڻي منهنجي ڪلهن تي وڏي ذميداري آهي، قومي ذميدارين جي ادائيگي لاءِ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني آهي، وڪيل امجيد پرويز دليل ڏيندي چيو ته شهباز ??ري?? جڏهن ٻاهرين ملڪ ويو ته حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني، 23 مارچ تي وزيراعظم شهباز ??ري?? واپس آيو ۽ عد??لت ۾ پيش ٿيو، امجد پرويز عد??لت کي درخواست ڪئي ته وزيراعظم شهباز ??ري?? کي عد??لت ۾ پيشي تي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏني وڃي. نيب پراسيڪيوٽر شهباز ??ري?? جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته گذريل درخواست تي ميڊيڪل گرائونڊ ورتا ويا ۽ علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ ويو هاڻي صرف ان ڳالهه تي درخواست داخل ڪئي وئي آهي ته شهباز ??ري?? پاڪستان جو وزيراعظم آهي، عد??لت وزيراعظم شهباز ??ري?? جي ڇوٽ لاءِ ڏنل درخواست رد ڪري. عد??لت وزيراعظم شهباز ??ري?? جي حاضري مڪمل ڪئي ۽ وزيراعظم کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عد??لت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شهباز ??ري?? جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عد??لت ڪجهه دير کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي حاضري کان مستقل معافي جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ وزيراعظم شهباز ??ري?? کي پيشي کان مستقل طور تي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. عد??لت بريت جي درخواست تي وڪيلن کان وڌيڪ دليل گهرندي ٻڌڻي 25 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.