اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف صنعت ۽ پيداوار واري وف??قي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود جي انڊونيشيا مان ??اڄرو تيل جي برآمد لاءِ خصوصي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان صنعت ۽ پيدوار واري وف??قي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ سيڪريٽري امداد الله بوسال ملاقات ڪئي، وزيراعظم چيو ته وف??قي وزير جو کاڄرو تيل جي درآمد لاءِ ذاتي خرچن تي انڊونيشيا جو دورو واکاڻ جوڳو آهي، وقت سر درآمد سان ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي بحران جي خطري جي روڪٿام ۽ کاڄرو تيل جي ڪارگو جي آمد سان تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿيندي، وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وف??قي وزير ۽ سيڪريٽري جو?? ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، واضح رهي ته وزيراعظم جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وف??قي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود کاڄرو تيل جي درآمد لاءِ ذاتي خرچ تي انڊونيشيا جو دورو ڪيو، دوري جو مقصد ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي برآمد سان متوقع بحران جي روڪٿام ڪرڻ هو، صنعت واري وزير جي ڪوششن جي ڪري انڊونيشيا کان اڍائي لک ميٽرڪ ٽن 10 بحري جهاز کاڄرو تيل پاڪستان ??ي فراهم ڪيو پ??و وڃي، کاڄرو تيل جي پهرين کيپ صنعت ۽ پيداوار واري وزير جي انڊونيشيا ۾ موجودگي دوران ئي پاڪستان رواني ڪئي وئي هئي.