اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته شديد برساتن ۽ ٻوڏ ??تا??رين جي 15 لک خاندانن ۾ 25 هزار في خاندان جي حساب سان 37 ارب رپيا ورهايا ويندا، تازين برساتن ۽ بوڏ سبب شديد تباهي ٿي آهي، بلوچستان صوبو سڀ کان وڌيڪ ??تا??ر ٿيو آهي، اسان سڀني کي گڏجي ان چئلينج کي منهن ڏيڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شديد برساتن ۽ ٻوڏ ??تا??رين ۾ روڪ مالي امداد ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مفتاح اسماعيل، احسن ا??با??، شاهه زين بگٽي ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار سميت ٻيا پڻ موجود هئا. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري تقريب ۾ آن لائين شرڪت ڪئي. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي ۽ سوين ماڻهو فوت ۽ بي گهر ٿيا آهن، انهن جي چوپائي مال، گهرن ۽ انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو آهي، سڀ کان وڌيڪ تباهي بلوچستان صوبي ۾ ٿي آهي، بلوچستان ۾ بوڏ ??تا??رين جي لاءِ امدادي ڪاررواين دوران ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا سميت پاڪ فوج جا 6 آفيسر شهيد ٿيا آهن، ٻوڏ صورتحال دوران مون ذاتي طور تي پاڻ مختلف علائقن جو دورو ڪيو. هن چيو ته اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ صوبن ۾ پي ڊي ايم اي، صحت جي کاتن ۽ اين ايڇ اي سميت ٻين ادارن گڏجي امدادي ڪاررواين ۾ حصو ور??و. ??زيراعظ?? چيو ته اڄ ٻيهر طوفاني برساتون شروع ٿيون آهن، سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته اندرون سنڌ ۾ شديد برساتون ٿي رهيون آهن، اهڙي طرح بلوچستان ۾ به شديد برساتن ٿي رهيون آهن. شهباز شريف چيو ته هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پوري قومک ي متحد ٿي ان صورتحال جو مقابلو ڪرڻو آهي، صوبن ۽ عالمي حصيدارن سان گڏجي ان مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته 15 لک ??تا??ر خاندانن کي في خاندان 25 هزار رپيا روڪ امداد ڏني ويندي، انهن خاندان جي مجموعي ماڻهن جو انگ 90 لک بڻجي ٿو، انهن خاندان کي اها امداد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي شفاف طر??قي سان ڏني ويندي، امداد فراهمي جي شروعات جهل مگسي کان ٿي چڪي آهي. وزيراعظ?? چيو ته امداد فراهمي جو اهو عمل ٽن ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻئي مرحلي جي لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ صوبا گڏجي سروي ڪري رهيا آهن، ان سروي ۾ تعين ڪيو ويندو ته فصلن کي ڪيترو نقصان پهتو آهي، گهر جزوي يا مڪمل طور تي تباهه ٿيا آهن، رستن ۽ انفراسٽرڪچر جو ڪيترو نقصان ٿيو آهي، ان جو ڪاٿو لڳايو ويندو، صوبن سان گڏجي بحالي جي لاءِ قدم کڻنداسين. شهباز شريف چيو ته هي سڀني جي لاءِ بهترين موقعو آهي ته اسان سياسي اختلاف راءِ کي هڪ طرف رکي ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪريون، انهن جو سهارو بڻجون، پاڪ فوج، سول ادارا ۽ وفاقي صوبائي حڪومتون بحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن، سياسي فرق کان مٿانهون ٿي اسان ان چئلينج کي منهن ڏينداسين. هن چيو ته ٻوڏ ??تا??رين جي امداد لاءِ 37 ارب رپيا فراهم ڪرڻ تي ناڻي واري وزير جو ٿورائتو آهيان. منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن ا??با?? تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن کان ??تا??ر ماڻهن کي هنگامي بنيادن تي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، پاڪستان موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ ??تا??ر ٿيندڙ پنجن ملڪن ۾ شامل آهي جڏهن ته پاڪستان گهٽ آلودگي پيدا ڪرڻ وارن ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي ٻوڏ ??تا??رين جي لاءِ ڪميٽي ٽن مرحلن ۾ ڪم ڪيو، پاڪ فوج ۽ لاڳاپيل صوبن جي تعاون سان ??تا??رين جي گهرن کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويندو ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان ??تا??رين جي بحالي جو عمل مڪمل ڪيو ويندو. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري آن لائين خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان، سنڌ، پنجاب سميت سمورن ??تا??ر علائقن جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ??تا??ر خاندانن کي في خاندان 25 هزار رپين جي امداد شفاف بنيادن تي فراهم ڪئي ويندي، حڪومت ٻوڏ ??تا??رين جي هر ممڪن مدد ڪري رهي آهي. ان موقعي تي جهل مگسي ۾ ??تا??رين کي امداد جي فراهمي جي شروعات ڪئي وئي آهي.