اسلام آباد -10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سنڌ جي ضلع لاڙڪاڻي جي مختلف امدادي ڪيمپن جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شر??ف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ٻوڏ متاثر ما??هن جا مسئلا ٻڌا ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ مصروف ليڊي هيلٿ ورڪرز، نرسز ۽ انتظاميه جي ما??هن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم شهباز شر??ف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ متاثر علائقن ??و فضائي جائزو پڻ ورتو. ان مو??عي تي ٻوڏ سبب آيل تباهي تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه بريفنگ پڻ ڏني.