اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل فلڊ رسپانس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (اين ايف آر سي سي) ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن، ريسڪيو ۽ ري??يف آپريشن بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، ٻوڏ سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران انفراسٽرڪچر کي ڪو نقصان ناهي پهتو جڏهن ته مجموعي طور تي 12 هزار 718 ڪلوميٽر روڊن، 390 پلن کي نقصان پهتو، چئني صوبن ۾ 23 ضلعا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. اين ايف آر سي سي مطابق اڄ ملڪ جي اڪثر حصن ۾ موسم جزوي طور تي جهڙالي رهڻ جي توقع آهي. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبرپختونخوا، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ پسگردائي وارن جبلن ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڏکڻ ۽ ??وڀ?? سنڌ، مٿانهين خيبرپختونخوا ۽ ??وڀ?? پنجاب جي ٻين علائقن ۾ وچولي برسات پئي. گذريل ڏينهن وڌ کان وڌ گرمي پد تربت ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ، سبي 41 ۽ نوڪنڊي ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. سنڌ جي سڀني کان وڌيڪ متاثر ضلعن ۾ قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، خيرپور، دادو، نوشهرو فيروز، ٺٽو ۽ بدين جڏهن ته بلوچستان ۾ ڪوئٽا، نصير آبا، جعفرآباد، جهل مگسي، بولان، صحبت پور ۽ لسبيلا، ڪي پي ڪي ۾ دير، سوات، چارسده، ڪوهستان، ٽانڪ ۽ ڊي آءِ خان ۽ پنجاب ۾ ڊي جي خان ۽ راجن پور شامل آهن. مختلف علائقن مان ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ هن وقت تائين 526 آرمي ايوي ايشن هيليڪاپٽر اڏامون هلا??ون ويون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 10 اڏامن ذريعي 34 ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو ويو ۽ 16.4 ٽن امدادي امدادي سامان ٻوڏ متاثرن تائين پهچايو ويو. هن وقت تائين هيليڪاپٽر ذريعي 4604 ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ 147 ري??يف ڪيمپون ۽ 284 ري??يف ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪ??ون و??ون آهن. هن وقت تائين 8498.8 ٽن عام واهپي جي شين سان گڏ 1462.2 ٽن غذائي ش??ون ۽ 78 لک 93 هزار 30 دوائون جمع ڪ??ون و??ون آهن جڏهن ته 8219 ٽن خوراڪ، 1419.4 ٽن غذائي ش??ون ۽ 77 لک 54 هزار 290 دوائون ورها??ون و??ون آهن. 300 کان وڌيڪ ميڊيڪل ڪيمپون لڳا??ون و??ون آهن جن ۾ سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 26 هزار 365 مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي ۽ 3 کان 5 ڏينهن جون مفت دوائون فراهم ڪ??ون و??ون آهن. پاڪستان نيوي 04 فلڊ ري??يف سينٽرز، 18 ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيا. 16 هزار 31 ماڻهن لاءِ 09 ٽينٽ سٽيز قائم ڪ??ون و??ون آهن. مختلف ضلعن ۾ 1462 ٽن راشن، 4896 ٽينٽ ۽ 6 لک 20 هزار 777 ليٽر منرل/ مٺو پاڻي ورهايو ويو. پاڪستان نيوي جي 23 ايمرجنسي رسپانس ٽيمن 54 موٽر بوٽس ۽ 2 هوور ڪرافٽس سان 10 ضلعن ۾ ڦاٿل 15 هزار 174 ماڻهن کي بچايو. پاڪ بحريا سنڌ ۾ 02 هيليڪاپٽر مخصوص ڪيا آهن. هن وقت تائين 59 اڏامن ۾ 471 ڀيرا ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تائين پهچايو ويو. 4631 پيڪيٽ راشن ورهايو. پاڪستان بحريا جي 8 ڊائيونگ ٽيمن سڄي پاڪستان ۾ 27 ڊائيونگ آپريشنز پڻ ڪيا آهن. پاڪ بحريا 63 ميڊيڪل ڪيمپن 53 هزار 853 مريضن جو علاج ڪيو. پاڪ بحريا مختلف اڏامن ذريعي 4848 ري??يف ڪيمپ، 20 ٽينٽ سٽيز ۽ 45 ميڊيڪل ڪيمپون لڳا??ون جن ۾ هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ 55 هزار 389 مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ گڏيل عرب امارتن، ترڪيه، چين، ازبڪستان، قطر، فرانس، يونيسيف، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايچ سي آر)، ترڪمانستان، اردن، خوراڪ جي عالمي اداري، آمريڪا، نيپال ۽ سعودي عرب مان اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهت??ون آهن.