اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم اڄ بزنس ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ويزن ڪاروباري برادري آڏو پيش ڪندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم شه??از شريف اڄ بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندو. بزنس ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ مان ڪاروباري برادري شرڪت ڪري رهي آهي. وزيراعظم ڪاروباري برادري سان بجيٽ تي اهم مشاورت پڻ ڪندو. هن چيو ته زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، م??نو??يڪچرنگ، برآمدات ۽ ٻين شعبن سان ت??لق رکندڙ ڪاروباري شخصيتون ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيون آهن. هن چيو ته وزيراعظم ڪانفرنس ۾ ميثاق معيشت جي لاءِ نيشنل ڊائيلاگ جي شروعات ڪندو. وزيراعظم ڪاروباري شخصيتن کان ت??ويزون وٺندو ۽ پنهنجي حڪومت جي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ وٺندو. هن چيو ته وزيراعظم ڪانفرنس ۾ ملڪ کي درپيش معاشي مسئلن جي حل لاءِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ بجيٽ تجويزون پڻ حاصل ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم شه??از شريف جو ويزن هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ آهي جتي معيشت وڌي ويجهي، مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي ٿئي، هر پاڪستاني ۽ ملڪ جو هر طبقو ان ۾ حصيدار هجي، جتي غربت ۽ محرومين جو خاتمو ٿئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اهڙو پاڪستان ٺاهڻ چاهي ٿو جتي شه??ين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق ميسر هجن، زندگي جي تلخين کان ڇوٽڪارو ملي ۽ ا??هن کي هڪ بهتر زندگي ملي.