اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان جي 7 ارب رليف پئڪيج تحت سڄي ملڪ جي يوٽيلٽي اسٽورز تي اڄ اربع کان کنڊ، دالين، چانور ۽ گيهه سميت ??ين ضرورت جي شين تي 7 رپين کان 40 رپين تائين جي سبسڊي ڏني ويندي، پئڪيج تحت سستي ضرورت جي شين جي فراهمي تي يوٽيلٽي اسٽورز ٻاهران ڊگهيون قطارون لڳنديون، يوٽيلٽي اسٽورز تان شيون خريد ڪندڙن جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر داخل ڪيو ويندو، هڪ مهيني ۾ ماهوار راشن هڪ ئي ڀيرو حاصل ڪري سگهبو، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن مارچ جي لاءِ 5 ارب جي خريداري مڪمل ڪري ورتي، پاسڪو کان 2 لک ڪڻڪ سستي اگهن تي حاصل ڪئي وئي آهي، ويجهي مستقبل ۾ رليف پئڪيج تحت 50 ملين غريب، بي س??ارا، لاچار خاندانن کي راشن ڪارڊ ڏنا ويندا، مستحق، لاچار ۽ پيڙهيل ڪمزور طبقن جي زندگي ک?? خوشحال بڻائڻ ۽ انهن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ وزيراعظ?? عمران خان جو نصب العين، حڪومت جي ڪمٽمينٽ ۽ مديني جي رياست جي س??چ جي عڪاس آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي چيئرمين ذوالقرنين علي خان ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي.