اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي ٻارن ۾ غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۽ آبادي ۾ اضافي جي روڪٿام جي ضرورت جي اهميت اجاگر ڪندي چيو آهي ته قومن ج?? تعمير ۾ مثبت سوچ، منصوبابندي ۽ وسيلن جو صحيح استعمال ضروري آه??، ملڪ ۾ ٻارن جو وڏو انگ غذائي کوٽ جو شڪار آهي، ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻا??ڻ جي لاءِ ٺوس پاليسي سازي جي ضرورت آه??، ملڪ کي صحتمند ۽ خوشحال بڻا??ڻ جي لاءِ اسان کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرج??، ميڊيا معاشري ۾ سماجي براين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي غذائي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.