اسلام آباد – 25 جون (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان 1124 ميگاواٽ جي ڪوهاله هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ??ي لاءِ تاريخي ٽه ڌرئي معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اڄوڪو ڏينهن اهم آهي، پن بجلي جي منصوبن سان روزگار جا موقعا پيدا ??ين??ا، جڏهن ته ان سان صاف ۽ سستي بجلي به ميسر ايندي. هو 1124 ميگاواٽ جي ڪوهاله هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ??ي لاءِ ٽه ڌرئي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.