اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مح??م الحرام جو مهينو اسان جي دين جي بزرگن طرفان اسلام جي خاطر ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو، مح??م الحرام اسان کي پنهنجي اسلاف جي قربانين، صبر ۽ برداشت، استقامت ۽ هم??، حق چوڻ ۽ اعليٰ انساني قدرن جي بقاءُ لاءِ هر قوت جي سامهون ڄمي وڃڻ جو ابدي پيغام ڏي ٿو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب هن مح??م الحرام جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اسلامي ڪيلينڊر جي سال 1442 هه جو آغاز ٿي چڪو آهي، ان بابرڪت موقعي تي آئ??ن پاڪستاني قوم ۽ اهل اسلام جي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪريان ٿو ۽ خدا پاڪ جي حضور دعا ڪريان ٿو ته اهو هجري سال اسان سڀني جي لاءِ باعث رحمت ۽ برڪت هجي. آمين.