اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته اقتدار کان محرومي مخالف ڌر کي ذهني طور تي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، استعيفيٰ ڏيڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ پي ڊي ايم جا جلسا ملتوي ڪرڻ ثابت ڪري ٿو ته هي سياسي ڪنفيوزڊ آهن، پاڪستان جي عوام پي ڊي ايم خاص طور تي مسلم ليگ (ن) جي ذاتي مفاد جي تحفظ جي ايجنڊا کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته هي ڄاڻي وٺن ته عوام ڪرپشن جي حمايت ۾ نه پر ڪرپشن جي خلا?? نڪرندي آهي، عمران خان جي ڪرپٽ نظام ۽ ان جي بينيفشريز جي خلاف جنگ پوري قوت سان جا??ي ??هندي. هن چيو ته عمران خان جي بغض ۾ هي لکين جتن ڪري وٺن، عوام انهن جي ڪنهن تحريڪ سان گڏ نه ??هي ۽ نه ئي هوندي.