اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سي?? چيو آهي ته (ن) ليگ جي چونڊ سڌارن تي ڳالهين کان فرار انتهائي افسوسناڪ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد ??سي?? چيو ته اهو چوڻ ته سڌارن جو عمل پارليامينٽ بدران اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي ظاهر ڪري ٿو ته انهن کي نظام جي سمجهه نه آهي ۽ نه ئي سڌارن ۾ ڪا ??لچ??پي، سدائين سازش سان اقتدار ۾ ايندڙ پارٽي ڇو سڌارن جي ڳالهه ڪندي؟