اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي امتحان مان نڪرڻ جي ل??ءِ اسان کي هڪ منظم قوم هجڻ جو ثبوت ڏيڻو پوندو، عالم سڳورا ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ سماجي فاصلو اختيار ڪرڻ سميت ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ل??ءِ سمورن حفاظتي تدبيرن تي عملدرآمد جي تلقين ??ن. هن اهڙن خيالن جو اظهار علامه ساجد نقوي ۽ مولانا حنيف جالنڌري سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي علامه ساجد نقوي سان ڳالهائيندي چيو ته رمضان المبارڪ ۽ مجلسن ۾ ڪورونا خاتمي جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي وڃي، مجلسن ۾ شرڪت ڪندڙ ماسڪ پائين ۽ محفوظ فاصلو اختيار ڪن، بزرگ ماڻهو عبادتون گهرن ۾ سرانجام ڏين. علامه ساجد نقوي صدر کي ڪورونا کان بچاءُ جي ل??ءِ ايس او پيز جي پابندي جي خاطري ڪرائي.