اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اجهو، لٽو ۽ ڳڀو جي نعر?? جي آڙ ۾ زرداري ملڪي دولت لُٽي مني لانڊرنگ ڪئي جعلي اڪائونٽس ۽ س??ئٽ??رلينڊ ۾ سري محل ٺاهيا، سنڌ ۾ ٽيون ڀيرو پيپلزپارٽ?? جي حڪومت آهي سواءِ غربت، ڪرپشن ۽ لُٽ مار کانسوا??ِ ٻيو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو. سنڌ ۾ غربت جي ڪري وفاقي حڪومت پاران احساس ايمرجنسي ڪيش جي سڀ کان وڌيڪ 57 ارب 13 ڪروڙ 39 لک 96 هزار سنڌ ۾ ورهايا ويا، جيڪي مجموعي فنڊن جو 35 سيڪڙو آهن، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زردار?? جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ٻڌائي سنڌ جي عوام کي مفت علاج لاءِ هيلٿ ڪارڊ ڇو نه ڏئي رهيو آهي، پرچي چيئرمين سچ ٻڌائي ڇا ڪڻڪ خريدار?? جي امدادي قيمت 1400 کان وڌائي 2000 هزار روپي?? في مڻ ڪرڻ جو اثر اٽ?? جي قيمتن تي نه ايندو؟ هن چيو ته 2008ع کان 2013ع تائين پيپلزپارٽ?? جي حڪومت ۾ فصلن جي گروٿ سراسري 1.25 جڏهن ته آباد?? جي گروٿ 2 سيڪڙو هئي، توهان جي ڪري ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا پيدا ٿيا، هن چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت غذائي تحفظ جي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، پرچي چيئرمين واڳون وارا ڳوڙها نه وهائي پر سنڌ ۾ ذخيرو اندوز مافيا جي خلاف ايڪشن کڻي.