مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارت تي زور ڏنو آه?? ته هو ٻنهي ملڪن جي خوشحالي خاطر پاڪستان طرف پنهنجو ظالماڻو ۽ هٺ ڌرمي تي ٻڌل رويو ترڪ ڪري ڇڏي، هر سازش کانپوءِ پاڪستان پهرين کان وڌيڪ مضبوط بڻجي اڀرندو، ڀارت پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان حل طلب تڪرارن جي حل بدران ??ڪت??ڻ جاري رکي ته ان سان غربت ۽ پسماندگي جهڙن ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڀارت اهو سمجهي ٿو ته هو پاڪستان کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهي ٿو ته هو تمام وڏي غلطي فهمي ۾ مبتلا آه??، ڪشمير تي ??سا?? جو موقف تب??يل نه ٿيندو، پاڪستان ڀارت سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ڪندو جيستائين هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال نٿو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي گادي واري شهر مظفرآباد مهاجر ڪيمپ ٺوٺا ۾ پناهگيرن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال به خطاب ڪيو جڏهن ته قو??ي اسيمبلي ميمبرن ڊاڪٽر نوشين، رخسانه نويد، ظل هما، غزاله سيفي، آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري شڪيل قادر خان، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو فياض علي عباسي، اطلاعات وارو سيڪريٽري مدحت شهزاد، آءِ جي پوليس سهيل حبيب تاجڪ ۽ ٻيا به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته پاڪستاني عوم جون دليون ڪشمير سان گڏ ڌڙڪن ٿيون، جيستائين ڪشمير آزاد نه ٿيندو تيستائين ??سا?? سک سان نه ويهنداسين. ڪشميرين جي جدوجهد دهشتگردي نه پر آزاد ۽ عوامي راءِ حاصل ڪرڻ جي جدوجهد آه??، گڏيل قو??ن به غاصب ۽ ظالم جي خلاف آزادي جي تحريڪن جي اجازت ڏي ٿو. پاڪستان جي ڪوشش آه?? ته امن جي ذريعي ڪشمير مسئلي جو حل ٿئي جڏهن ته هندستان جنگ جي ڪوشش ڪندو آه?? پر ان کي خبردار ڪريون ٿا ته ايئن سوچي به نه، بالاڪوٽ وارو واقعو سڀني کي ياد آه??، هن چيو ته هندستان پنهنجي تاريخ مٽائي ڪوڙ تي ٻڌل تاريخ لکڻ چاهي ٿو پر تاريخ ڪڏهن به ناهي مٽجندي، هندستان جي غلط فهمي آه?? ته ڪشميري ڪمزور ٿي ويندا، آزادي جو جذبو دلين ۾ هوندو آه?? ۽ اهو جذبو صدين تائين ختم نٿو ٿي سگهي. صدر چيو ته پاڪستان طاقت کي مسئلي جو حل نٿو سمجهي پر ان جي باوجود پاڪستان تي ٽي جنگيون مڙهيون ويون، هندستان ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا جي ذريعي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو آه??، هو جيڪو مرضي ڪري وٺي ڪشميرين جي جذبي کي ختم نٿو ڪير سگهي، ان ۾ ايتري جرئت نه آه?? جو ??سا?? جو مقابلو ڪري سگهي، هن چيو ته ڀارت جي حڪومت جو تعصب آر ايس ايس ۽ هندو توا جي عڪاسي ڪري ٿو ڀارت والاريل ڪشمير جي ڊيمو گرافي تب??يل ڪري رهي آه?? ته جئين هو اتي هندوئن جي اڪثريت ثابت ڪري سگهي. صدر چيو ته ڪشميرين جي سفير عمران خان دنيا کي هندستان جي اصليت ڏيکاري آه??، ڪشميرين جي جدوجهد 1947ع کان به پهرين جي آه??، 1989ع کانپوءِ هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آه??، 20 هزار ڪشميري عورتون بيواهه ٿيون، هڪ لک 8 هزار ڪشميري ٻار يتيم ٿيا، 12 هزار ڪشميري مائرن ڀينرن جي عزت لٽي وئي، هن چيو ته پاڪستاني فوج دنيا جي ڪامياب ترين فوج آه??، پاڪ فوج جنهن انداز سان ان خطي ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪيون آه?? اهڙا مثال نٿا ملن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جڏهن پاڪستان ٺهيو ته ان وقت طئي ڪيو ويو ته مسلم اڪثريتي علائقا پاڪستان جڏهن ته هندو اڪثريتي علائقا هندستان ۾ شامل ٿيندا، ان وقت ڪشمير جي خلاف سازش ڪئي وئي ته ڪشميرين پنهنجي خودمختياري واري حق لاءِ جهاد شروع ڪيو ته هنددستان گڏيل قو??ن ۾ هليو ويو ۽ گڏيل قو??ن ۾ هندستان جي ان وقت دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي تسليم ڪيو پر ان جي نيت خراب هئي، هن چيو ته عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو خواب هو ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿئي، ??سا?? امن چاهيون ٿا جنهن کي غلط سمجهيو ويو. هن چيو ته هندستان پنهنجي قو?? سان ڪوڙ ڳالهائي ۽ بيوقوف بڻائي دوکو ڏيندو آه??، هندستان جا قدم آر ايس ايس ۽ هندو توا جي 100 سال پراڻي ڪهاڻي جا عڪاس آه??، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيستائين ڪشمير جو مسئلو حل نٿو ٿئي تيستائين ڪشميرين سان گڏ بيٺل آه??ون.