اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت هڪ ٻيو سنگ ميل غبور ڪري ورتو آهي، سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙو ت??ليمي نظام جاري ٿي ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هر شهري کي هڪجهڙي تعليم جي فراهمي رياست ج?? ذميواري آهي، طبقاتي تعليمي نظام معاشري ۾ اڻبرابري کي جنم ڏي ٿو. هن چيو ته انشاءُ ال??ه هاڻ هڪ قوم هڪ نصاب هوندو.