اسلام آ??اد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان پليٽ فارم تان ترڪي ڪرندڙ ماڻهو کي بچائيندڙ نوجوان پوليس اهلڪار ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي اعز??ز ڏي?? جو فيصلو ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزير??عظ?? چيو آهي ته فرض جي شوق سان ادائيگي تي اسان ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي 23 مارچ تي اعز??ز ڏي?? جو فيصلو ڪيو آهي. وزير??عظ?? عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سوره المائده جي هڪ آيت ”جنهن هڪ انساني زندگي بچائي ان ڄڻ سڄي انسايت بچائي“ جو ترجمو به شيئر ڪيو. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزير??عظ?? هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪيو جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ نوجوان پوليس اهلڪار ريلوي اسٽيشن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو هو جڏهن هڪ مسافر پليٽ فارم تان ترڪي ڪريو ته نوجوان پوليس اهلڪار تيزي سان ڊوڙي ڄاڻايل ماڻهو کي ٽرين هيٺ اچڻ کان بچائي ورتو. ان تي وزير??عظ?? چيو ته فرض سرانجام ڏيڻ انتهائي مقدس آهي، هن عوام جي خدمت ۾ مصروف نوجوان پوليس اهلڪار جي جذبي جي واکاڻ ڪئي.