اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت روانگي واپار ڪندڙن جي ??اءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي، آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي ??چ ۾ موجود فرق کي گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ هنگامي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي، ڪاروباري برادري کي موزون ماحول ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي ??راهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي روانگي واپار جو ڪاٿو وڌائڻ جي ??اءِ حڪومت پاران کنيل مختلف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، ڪامرس ڊويزن ۽ توانائي ڊويزن جي سيڪريٽرين ۽ سينيئر اهلڪارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي ??وجوده روانگي واپار جي ڪاٿي ۾ مجموعي طور تي 30 ارب ڊالر جو اضافو ممڪن آهي. روانگي واپار وڌائڻ جي ڏس ۾ ممڪن طور تي آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، دوائن، پولٽري، چانور، ڀاڄين ۽ ميون، چمڙي، لوڻ، سنگ مرمر، سرامڪس ۽ سرجيڪل اوزارن سميت 19 مصنوعات تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڪامرس ڊويزن ٻڌايو ته سمورن حصيدارن بشمول صنعتڪارن، برآمد ڪندڙن ۽ لاڳاپ??ل سرڪاري ادارن سان مشاورت جو عمل جاري آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏ??و ته سمورا معاشي اشارا مثبت رخ ۾ وڌي رهيا آهن، جڏهن ته آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي ??چ ۾ موجود فرق کي گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ هنگامي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي. حڪومت برآمد ڪندڙن جي ??اءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي. وزيراعظم ڪامرس ڊويزن کي هدايت ڪئي ته پرڏيهه ۾ مقرر پاڪستان جي ????يڊ اينڊ انويسٽمينٽ آفيسرن جي ??اءِ هدف متعين ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪامرس ڊويزن ايندڙ ٻن هفتن ۾ اسٽريٽجڪ ايڪسپورٽ فريم ورڪ منظوري جي ??اءِ پيش ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان روانگي واپار ۾ اضافي جي ڏس ۾ مارڪيٽ ۽ مصنوعات ۾ واڌ آڻڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ڪاروباري برادري ۾ بيشمار پوٽينشل موجود آهي. ڪاروباري برادري کي موزون ماحول ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي ??راهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت ڪاروباري برادري جي ??شاورت سان پاليسين جي جوڙجڪ جي ??لسفي تي عمل پيرا آهي ۽ حڪومت ۽ انڊسٽري جي ??ضبوط پارٽنرشپ جو سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته جتي هڪ طرف حڪومت ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي ??اليسي تي سختي سان عمل پيرا آهي اتي حڪومت ڪاروباري برادري کان اميد ڪري ٿي ته اها ان موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي ۽ ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏي.