اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علاج سان گڏوگڏ بي??ار??ن کي روڪڻ ۽ انهن کان بچاءُ لاءِ احتياط ۽ پرهيز به لازمي آهي، ان حوالي سان طب جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي ترجيحون تبديل ڪرڻ ج?? ضرورت آهي، ماڻهن کي بي??ار??ن کان بچڻ ج?? حوالي سان وڌ کان وڌ آگاهي ڏيڻ سان صحت ۾ بهتري جا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن هيلٿ سروس اڪيڊمي ۾ 11 هين سالياني پبلڪ هيلٿ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نيشنل هيلٿ سروسز بابت پارلياماني سيڪريٽري نوشين حامد، يونيورسٽي آف هيلٿ سائنس لاهور جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر جاويد اڪرم ۽ هيلٿ سروس اڪيڊمي جي وائيس چانسلر شهزاد علي به خطاب ڪيو. صدر صحت جي شعبي جي بهتري جي لاءِ علاج سان گڏوگڏ بي??ار?? کان بچاءُ ماڻهن ۾ احتياط ۽ پرهيز جهڙن روين کي فروغ ڏيڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسان جو نظام بي??ار??ن جي علاج لاءِ ڊاڪٽر تيار ڪندو آهي ج??هن ته علاج کانسواءِ بي??ار?? کان بچاءُ لاءِ اڳواٽ احتياط جي به وڏي اهميت آهي. ان حوالي سان طب جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي ترجيحون بدلائڻ ج?? ضرورت آهي، هن چيو ته صفائي سٿرائي ۽ صحت جي اصولن کي اخيتار ڪري بي??ار??ن کان وڏي حد تائين محفوظ رهي سگهجي ٿو. اسان جو مذهب اسلام پاڪيزگي ۽ طهارت اختيار ڪرڻ ج?? تاڪيد ڪندو آهي جيڪو صحت مند زندگي گذارڻ لاءِ ضروري آهي، صدر چيو ته طب جي شعبي وڏي ترقي ڪئي آهي ۽ وڏين وڏين بي??ار??ن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي پر گڏوگڏ نيون بي??ار??ون به جنم وٺي رهيون آهن جنهن کان بچڻ لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ ج?? ضرورت آهي، هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفي، نون ڄاول ٻارن کي لازمي ماءُ جو کير پيارڻ ۽ عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جهڙي صحت جي موضوعن تي عام ڳالهه ٻولهه ناهي ٿيندي جنهن جي ڪري ان حوالي سان آگاهي جي کوٽ آهي ۽ ان سان صحت جا سنگين مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن ان طرف به مناسب ڌيان ڏيڻ ج?? ضرورت آهي. صدر هيلٿ سروس اڪيڊمي جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ان جا معاشري تي اثر نظر اچڻ گهرجن، ان کان اڳ هيلٿ سروس اڪيدمي جي وائيس چانسلر شهزاد علي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي صدر پاران هيلٿ سروس اڪيڊمي جي اعليٰ ترين سطح تي سرپرستي فراهم ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو. هن هيلٿ سروس اڪيڊمي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جي باري ۾ به شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو.