اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اهم وفاقي وزيرن، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏن وزيرن سان گڏ آءِ ايس آءِ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد ??مجد خان نيازي ۽ چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد ??ابر به ان موقعي تي موجود هئا. آءِ ايس آءِ جي ڊي جي ليفٽين??ٽ جنرل فيض حميد سيڪريٽريٽ ??چڻ تي سندن استقبال ڪيو. بيان موجب اجلاس ۾ اعليٰ قومي ۽ عسڪري قيادت کي ملڪي سلامتي ۽ افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ خطي ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم قومي سلامتي کي درپيش ??ئل??نجز کي منهن ڏيڻ لاءِ آءِ ايس آءِ جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.