اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??فغانستان معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عالمي برا??ري منجمند وسيلن تائين پهچ ۽ هنگامي بنيادن تي انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي، طالبان رابطن ۾ دلچسپي رکن ٿا، اهي چاهين ٿا ته ??نيا انهن کي تسليم ڪري ۽ انهن جي مدد ڪري، عالمي برا??ري ماضي جون غلطيون ورجائڻ کان بچ?? ۽ مثبت رابطو جاري رکي، پاڪستان ۽ افغانستان گڏيل ورثو ۽ تاريخ رکن ٿا، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ويجه?? ترين پاڙيسري جي طور تي پاڪستان جي سڌوسنئون مفاد ۾ آهي. هو ٽرائيڪا پلس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ چين، پاڪستان، روس ۽ آمريڪا جا نمائندا خصوصي طور شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير چيو ته ??فغانستان سان رابطو نه رڳو بحال رهڻ گهرجي پر ڪيترن ئي سببن جي بنياد تي ان ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي ته ??يئن ٻيهر هي ملڪ گهرو ويڙهه جي ور نه چڙهي، ڪير به ٻيهر ائين ڏسندي ٿيڻ نه ٿو چاهي، معاشي تباهي جو به ڪو خواهشمند نه آهي، جنهن سان عدم استحڪام وڌندو، هر ڪو اهو چاهي ٿو ته ??فغانستان جي اندر فعال دهشتگرد عنصرن کي موثر انداز ۾ منهن ڏنو وڃي ۽ پناهگيرن جي هڪ نئين بحران کان بچ??و وڃي. افغانستان بابت اسان سڀني جي ڳڻتي ۽ فڪرمندي گڏيل آهي جڏهن ته ??تي امن ۽ استحڪام اسان سڀني جي گڏيل مفاد ۾ آهي. انهن سڀني کي حاصل ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ??ن صورتحال ٽرائيڪا پلس نمايان اهميت حاصل ڪري ورتي آهي ۽ ان جو اهم ڪردار آهي جيڪو ان کي ادا ڪرڻو آهي. اسان پراعتماد آهيون ته ٽرائيڪا پلس جي نئين افغان حڪومت سان امن ۽ استحڪام جي فروغ، پائيدار معاش?? ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ ان سان گڏوگڏ افغانستان جي اندر سرگرم دهشتگردن جي لاءِ گنجائش م??دود ٿي ويندي. شاهه محمود قريشي چيو ته ??فغانستان هن وقت معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عالمي مالي امداد جي نه هجڻ سبب پگهارن جي ادائيگي تائين ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن.