اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پو??يو جي خاتمي جي 2 سالا ايمرجنسي ايڪشن پلان جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي پو??يو وائرس جو خاتمو ڪرڻو آهي، عالمي برادري کي پو??يو جي خاتمي ۾ افغانستان جي به مدد ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ پو??يو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم پو??يو جي خاتمي جي موثر قدمن تي صوبائي صحت جي کاتن ۽ ضلعي انتظاميه کي خراج تحسين پيش ڪندي عالمي حصيد??رن جو مالي ۽ ٽيڪنيڪي امداد تي ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته سردي جي موسم ۾ پو??يو جي پکيڙ جي شرح گهٽ ٿيندي آهي ۽ ٻ??رن جي ايمونائزيشن لاءِ اهو ئي موذون ترين وقت هوندو آهي. اسان سڀني کي گڏجي پو??يو وائرس جو خاتمو ڪرڻو آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي پو??يو جي خاتمي ۾ افغانستان جي به مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن هنگامي صورتحال کان بچي سگهجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻ??رن جي ٻين ايمونائزيشن پروگرامز کي به پو??يو جي خاتمي جي مهم سان گڏ هلايو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ڪوريج حاصل ڪري سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ پنج سالن جي لا3 798.6 ملين ڊالر جو پي سي ون منظوري جي لاءِ تيار آهي جنهن ۾ عالمي اد??رن ۽ حڪومت پاڪستان جي مالي مدد شامل آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سال 2020ع ۾ پو??يو جا 84 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته گذريل 10 مهينن ۾ ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو جيڪا پاڪستان جي پو??يو جي خاتمي جي حوالي سان وڏي ڪاميابي آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ پو??يو وائرس افغان پناهگيرن جي ذريعي داخل ٿيندو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي 36 مهينن جو عرصو بنا ڪنهن پو??يو ڪيس جي رپورٽ ٿيڻ جي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ورلڊ هليٿ آرگنائيزيشن پاران ”پوليو فري“ سرٽيفڪيٽ حاصل ٿي ويندو، انجنيئر ان چيف پاڪستان آرمي اجلاس کي پو??يو تيمن کي فراهم ڪيل سيڪيورٽي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، عالمي اد??رن جي نمائندن پو??يو جي خاتمي واري مهم جي موثر قيادت تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ مڪمل تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو. عالمي اد??رن جي نمائندن جو حڪومت پاڪستان جي پو??يو جي خاتمي و??رن قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو، ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ خاص مددگار فيصل سلطان، خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، پنجاب جي وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخوا جي وڏو وزير محمود خان، گلگت بلتستان جي وڏو وزير خالد خورشيد، بلوچستان جي صحت واري وزير سيد احسن شاهه، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، انجنيئر ان چيف پاڪستان آرمي ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز، سمورن چيف سيڪريٽرين، بليو ايڇ او، يونيسيف سي ڊي سي، گاوي، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ روٽري انٽرنيشنل جي اعليٰ عملد??رن ۽ سينئر سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.