اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سان گم ٿيل صحافي مدثر نارو جي والدين ۽ معصوم پٽ ملاقات ڪئي، وزيرا??ظم مدثر نارو جي والدين کي واقعي بابت تحقيقات ۽ سموري ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي.
وزيرا??ظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، اٽارني جنرل خا??د جاويد خان ۽ گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر به موجود هئا. ان سلسلي ۾ وزيرا??ظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ??ي وڌيڪ تحقيقات ڪري مدثر نارو جي والدين ۽ پٽ کي تسلي بخش جواب ڏيڻ جي هدايتون جاري ڪيون، مدثر نارو جي والدين وزيراع??م جي خاطري تي اعتماد جو اظهار ڪيو.