اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي شعبي تفسير جي ڊاڪٽر شاهه جنيد هاشمي سيالڪوٽ سانحي جي تناظر ۾ اسلامي تعليمات جي روشني ۾ مثبت روين جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪندي چي?? آهي ته ڪنهن به معاملي ۾ بنا تحقيق فوري رد عمل سان معاشرو انتشار جو شڪار ٿي ويند?? آهي، جڏهن ته قانون کي هٿ ۾ کڻڻ غير اسلامي فعل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر جي جامع مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏيندي ڪيو. ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ڊاڪٽر شاهه جنيد هاشمي پنهنجي خطبي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪنهن به معاملي ۾ بنا تحقيق جي رد عمل سان معاشرو انتشار جو شڪار ٿي ويند?? آهي. ان لاءِ هر خبر تي بغير تحقيق فوري رد عمل نه ڏيڻ گهرجي. اسلامي رياست ۾ غير مسلمانن کي به مڪمل تحفظ حاصل هوند?? آهي، جڏهن ته قانون کي هٿ ۾ کڻڻ غير اسلامي فعل آهي. ڊاڪٽر شاهه جنيد هاشمي ان سلسلي ۾ اسلامي تاريخ ۽ حضور اڪرم ﷺ جي زن??گي مبارڪ جو حوالو ڏنو، هن چيو ته الله تعاليٰ غير مصدقه اطلاع کي اڳتي وڌائڻ ۽ پوءِ ان تي بنا تحقيق فوري رد عمل جي مذمت فرمائي آهي، اهڙي ڪيفيت ۾ انتشار پکڙجند?? آهي، امن ۽ امان جو مسئلو پيدا ٿيند?? آهي ۽ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ جو انديشو هوند?? آهي جڏهن ته قوم جي حيثيت سان شرمن??گي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، هن چيو ته ڪنهن به خبر يا اطلاع جي تصديق ڪرڻ اسان جي شرعي ذميداري آهي، ان جي ابتڙ ڪو عمل اسلامي رويو نه آهي، هن چيو ته حضور اڪرم ﷺ جي زن??گي مبارڪ اها هئي ته پاڻ سڳورا رياست ۾ رهندڙ هر ماڻهو کي اعتماد ڏنو، مديني جي رياست جي پهرين دستور ۾ اهڙو وفاقي سياسي يونٽ جوڙيو ويو جنهن ۾ شامل سمورين ڌرين ۽ ماڻهن رياست جي دفاع ۽ ڏوهاري پيشيورر عنصرن جي خاتمي ۾ حضور اڪرم ﷺ جو ساٿ ڏنو ۽ سڀ ميثاق ملي جا پابند رهيا. نبي ڪريم ﷺ غير مسلم مهمانن ۽ قانوني طور تي رياست ۾ داخل ٿيندڙن جي جان ۽ مال، عزت ۽ آبرو ۽ انهن جي ديني ماڳن جي حفاظت جو ذمو کنيو، هن چيو ته فتنه ۽ انتشار کي رياست جي خلاف ڏوهن سان تعبير ڪيو وي?? آهي، هن چيو ته قانون کي هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه آهي، ڪنهن تي الزام لڳائي پاڻ کي فيصلو ڪري ۽ پوءِ ان کي لاڳو ڪرڻ جي منع ڪئي وئي آهي، توهين مذهب ۽ تڪفير جي الزامن جهڙن ناهموار رويا اهل فڪر ۽ دانش لاءِ فڪر جو لمح?? آهن، سمورن باشعور طبقن ۽ خاص طور تي منبر ۽ محراب تي ان حوالي سان وڏي ??ميداري لاڳو ٿئي ٿي ته اڳتي اچن ۽ اعتدال تي ٻڌل روين کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو وي?? آهي.