لاهور-15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ترجمان ۽ خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته مون ٻن ڏهاڪن تائين آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ پڙهايو آهي ۽ جڏهن مان آمريڪي ۽ پاڪستاني ??اگ??دن وچ ۾ ڀيٽ ڪندو آهيان ته مون کي پنهنجي وطن ۾ وڌيڪ ٽيلنٽ ۽ صلاحيتون نظر اچن ٿيون. اولهه جي تعليمي ادارن جو نظام مستحڪم آهي جنهن سان ان جي آئوٽ پٽ وڌيڪ آهي. هو لاهور ڪ??ليج فار وومين يونيورسٽي ۾ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. شهباز گل چيو ته وزيراعظم عمران خان ادارن کي ترقي ڏيڻ تي يقين رکي ٿو، لاهور ۾ سمارٽ بزنس سٽي ۽ رودا جي نالن سان جديد تقاضائن سان هم آهنگ ادارا بڻجي رهيا آهن، جنهن مان لکين نوڪريون پيدا ٿينديون. هن چيو ته لاهور ڪ??ليج جي 30 ??اگ??دن کي انهن ادارن ۾ نوڪري ڏيڻ جو وعدو ڪريان ٿو، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جلد لاهور ڪ??ليج جي ??اگ??دن کان انٽرويو شروع ڪندي. هن چيو ته اسان جي حڪومت رحمة للعالمين اٿارٽي جوڙي، اٿارٽي جا ڪجهه منصوبا جي سي يونيورسٽي ۽ لاهور ڪ??ليج فار وومين يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيا ويندا. اڄ ??اگ??دن پنهنجي والدين ۽ پنهنجي اداري جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته مان جڏهن پروفيسر هئس ته ماڻ??و پُڇندا هئا ته ڪهڙو ڊسيپلين سٺو آهي ته مان چئي نه سگهندو هئس ته ڪهڙو ڊسيپلين سٺو آهي، ??اڪاڻ ته هر ڊسيپلين سٺو هوندو آهي، هر شعبي جي تعليم اهم آهي، معاشري ۾ عورت جي تعليم ت??ام ضروري آهي. 16 ڪانوويڪشن ۾ سال 2019ع جي 2563 ۽ سال 2020ع جي 2943 ??اگ??دن کي ڊگريون ڏنيون پيون وڃن.