اسلام آباد – ??هر??ن جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان برطانوي واپاري بورڊ جي م??مب?? لارڊ ڊينيئل حنان ملاقات ڪئي، پن??اب جو گورنر محمد سرور پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب لارڊ حنان وزيراعظم عمران خان پاران ماحولياتي تحفظ جي لاءِ شروع ڪيل قدمن، سرسبز پاڪستان جي لاءِ سندس ويزن، خاص ط??ر تي 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي، نيشنل پارڪس ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ جي لاءِ قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي انهن قدمن کي پوري دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي، لارڊ ڊينيئل پن??اب جي گورنر محمد سرور جي دعوت تي پاڪستان جي دوري تي آهي.