راولپنڊي – 09 جنوري (اي پي پي) فوج جي عوامي لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته مريءَ ۾ سمورا مواصلاتي ذريعا هر قسم جي چرپر جي لاءِ کوليا ويا آهن، ڪلڊنه باڙيا?? روڊ ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو آهي. آءِ ايس پي آر پاران مريءَ جي صورتحال تي جاري تازي ترين اپ ڊيٽس موجب مين رستن کي کولڻ کانپوءِ آرمي جا انجنيئرز هاڻي لنڪ روڊ تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. ريليف ڪئمپ ۽ م??ڊي??ل جون سهولتون مڪمل طور ??ي فعال آهن جڏهن ته فوجي گاڏيون ڦاٿل سياحن کي راولپنڊي ۽ اسلام آباد پهچائڻ جي لاءِ استعمال ??يو?? پيون وڃن.