اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گورننس جو مقصد عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ آهي، جزا ۽ سزا کانسواءِ ڪو به سسٽم ڪامياب ??ٿو ٿي سگهي، بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن کي بونس ۽ مراعتون ڏنيون وينديون. مسئلن جي حل لاءِ غير روايتي سوچ ۽ طرز عمل اختيار ڪرڻو پوندو. نيب ۾ سڌارن کانپوءِ بيورو ڪريسي وٽ ڪم نه ڪرڻ جو ڪو بهانو نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ 10 وفاقي وزارتن ۾ تعريفي سندون ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير خصوصي صلاحڪار، وفاقي وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار به موجود هئا. وزيراعظم تقريب ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن جنهن ۾ مواصلات واري وزارت، منصوبابندي ۽ ترقي، غربت جي خاتمي، وفاقي تعليم، انساني حقن، صنعت ۽ پيداوار، قومي سلامتي واري ڊويزن، واپار، گهرو ۽ قومي غذائي تحفظ شامل آهن، ۾ تعريفي سندون ورهايون. وزيراعظم وزارتن جي ڪارڪردگي جانچڻ جو نظام لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ارباب شهزاد ۽ ان جي ??يم کي مبارڪباد ڏني، وزيراعطم چيو ته ايندڙ تقريب جي انقعاد کان اڳ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن جا نا??ا ظاهر ڪيا ويندا ته جيئن سڀئي وزارتون تقريب ۾ موجود هجن ۽ انهن جي ??زارت جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون اچي سگهي ته جيئن جن وزارتن جي ڪارڪردگي بهتر نه آهي ۽ جن وزيرن ڪم نا??ي ڪيو انهن ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي. وزيراعظم چيو ته ڪو به سسٽم جزا ۽ سزا کانسواءِ ڪامياب ??ٿو ٿي سگهي، وزيراعظم نجي شعبي جي اسپتالن جو مثال ڏنو، جن ۾ پگهارون ۽ مراعتون سرڪاري اسپتالن کان گهٽ آهن پر انهن جي ڪارڪردگي بهتر آهي ڇاڪاڻ جو اتي ترقي ۽ مراعتون سينارٽي جي بنياد تي نه پر ڪارڪردگي جي بنياد تي ڏنيون وينديون آهن، هن چيو ته حڪومت ڪارڪردگي جانچڻ جو نظام جوڙيو آهي، جنهن سان سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۽ گورننس ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد کي بهترين ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هو نوجوان وزير آهي ۽ هن بهترين ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته ملڪ کي پاڻ ڀاڙڻ طرف گامزن ڪرڻ لاءِ وزارتن جو ڪردار اهم آهي، اسان کي روانگي واپار وڌائڻ ۽ ملڪ کي پنهنجي ??يرن تي بيهارڻ لاءِ ??دم کڻڻا پوندا. عوام جي زندگي کي بهتر بڻائڻ ۽ انهن کي غربت مان ڪڍڻ اسان جو مشن آهي، مسئلن جي حل لاءِ روايتي سوچ کان نڪري غير روايتي سوچ ۽ طرز عمل اختيار ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن کي بونس ڏنا ويندا، بغير فرق سڀني کي مراعتون ڏيڻ جو نظام نه هجڻ گهرجي، هن وزارتن کي هدايت ڪئي ته هو عوام جي زندگي جي ??عيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ??دم سوچي. وزيراعظم چيو ته نيب ۾ سڌارن کانپوءِ هاڻي بيورو ڪريسي وٽ ڪم نه ڪرڻ جو ڪو به بهانو نه آهي