اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چي??رم??ن محمد صادق سنجراڻي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران ٻنهي ايوانن ۾ قانونسازي ۽ بين معاملن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چي??رم??ن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سٺيون رو??يتون قائم ڪيون آهن ۽ هڪ ٻئي سان انتظامي سطح تي رابطي کي تمام گهڻي اهميت ڏ??ي وئي آهي. سينيٽ چي??رم??ن محمد صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ايوانن جي وچ ۾ قانونسازي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان تعاون مثالي رهيو آهي. ٻنهي اڳواڻن اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ايوانن پاران التوا هيٺ پيل قانونسازي کي فوري ط??ر تي مڪمل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ سينيٽ جو ڊپٽي چي??رم??ن مرزا محمد آفريدي ۽ ٻيا سينيئرز پڻ موجود هئا.