اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته ا??ان جي حڪومت اسلامو فوبيا جي ازالي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، پوري مسلمان امت کي اسلامو فوبيا جي ازالي جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پي ٽي آءِ سدائين عوامي امنگن جي نمائندگي ڪئي آهي جنهن جي ڪري هر محاذ تي ڪاميابي ٿي، عوامي حمايت جي ڪري موجوده سياسي محاذ تي به ا??ان کي ڪاميابي ٿيندي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي ميمبرن مخدوم زين حسين قريشي، محمد ابراهيم خان، طاهر اقبال، اورنگزيب خان، رياض فتيانه، سردار نصر الله دريشڪ، نجيب هارون، سردار محمد خان لغاري، عاصمه قدير ۽ جويريه ظفر وز??را??ظم سان ملاقات ڪئي. سنڌ مان قومي اسيمبلي جا ميمبر صائمه نديم، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر رابعيه ا??فر ۽ پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري مبين جتوئي ۽ ارسلان گهمڻ به ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقاتن ۾ وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، مخدوم خسرو بختيار، سيد علي زيدي، خصوصي صلاحڪار عامر ڊوگر به ملاقات ۾ موجود هئا، پارليامينٽ جي ميمبرن وز??را??ظم کي گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا کي روڪڻ جي حوالي سان قرارداد منظور ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني، وز??را??ظم چيو ته ا??ان جي حڪومت اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ هر فورم تي آواز کنيو، اسان جون ??وش??ون عالمي سربراهن سميت روسي صدر پيوٽن ۽ ڪينيڊا جي وز??را??ظم جسٽن ٽروڊو به ا??لامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ آواز اٿاريو. سڄي مسلمان دنيا کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. وز??را??ظم چيو ته پي ٽي آءِ سدائين عوامي امنگن جي نمائندگي ڪئي آهي. جنهن جي ڪري هر محاذ تي ڪاميابي سان همڪنار ٿي، عوامي حمايت جي ڪري موجوده سياسي محاذ تي به ا??ان کي ڪاميابي ٿيندي. ملاقاتن ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، سياسي معاملا به غور هيٺ آيا. وز??را??ظم قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.