اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ۽ سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته پاڪستان تاريخي لمحن مان گذري رهيو آهي، حق ۽ باطل وچ ۾ فيصلائتي گهڙي اچي چڪي آهي. سڄي قوم جون نگاهون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته ??دالت سڳوري سمورين شاهدين کي ڏسي ڪري هميشه جيئان عوام سا?? انصاف ڪندي. عدالت سڳوري جيڪو به فيصلو ڪ??دي ??ن جو احترام ڪنداسين، اسان هميشه عدالتن جو احترام ڪيو آهي ۽ ڪندا رهنداسين. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سا?? ڳالهائي??دي ڪيو. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته 27 مارچ تي عمران خ??ن جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪيو، عوام حق جو سا?? ڏنو ۽ باطل کي رد ڪيو. هن چيو ته ??پوزيشن وارن پاڪستان ۽ عمران خان خلاف سازش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سندن غداري نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ ثابت آهي، اس??ن جا ڦري ويل ميمبر به ان سازش ۾ شامل آهن. جن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ??پوزيشن بار بار چئي رهي هئي ته ??ليڪشن ڪرايو ۽ هاڻي هي ماڻهو اليڪشن کان فرار ڇو ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پارلياماني بورڊ جي گڏجاڻي سڏائي وئي آهي، ٽڪيٽن لاءِ درخواستون به طلب ڪري رهيا آهيون، اسان نئين اليڪشن جي تياري طرف وڃي رهيا آهن. پيپلز پارٽي، (ن) ليگ، جي يو آءِ (ف) ۽ ٻين سياسي پارٽين مان ڪيترائي ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪندا. عليم خ??ن جي الزامن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??ليم خان بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا الزام لڳايا. تحريڪ انصاف ۾ هو??دي کيس اهي ڳالهيون ڇو نه ياد آيون پارٽي ڇڏڻ بعد عليم خان کي اهي ڳالهيون ياد آيون آهن. الزام اشوز تي هوندا آهن ذاتيات تي لهڻ ٺيڪ ناهي، عمران خ??ن جي ڪنهن سا?? ڪا ذاتي دشمني ناهي. ڪم ظرف ماڻهو ذاتيات تي ڳالهائيندا آهن. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ??وزاني جي بنياد تي احتجاج ٿي رهيا آهن، عمران خ??ن جي حياتي کي خطرو آهي.