اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبار?? دوران عوام جي ڏنل ريليف پئڪيج تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ??ندي چيو آهي ته حڪومت جي اولين ترجيح مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ آهي. اها ڳالهه هن سنڌ جي وڏي و??ير سيد مرا?? علي ش??هه سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. سنڌ جي وڏي و??ير وزيراعظم کي پهرين ڪابينا اجلاس ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪرڻ جي عزم تي مبارڪباد ڏني. سنڌ جي وڏي و??ير وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي معاملن تي پڻ بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ??ئي ته رمضان المبار?? دوران عوام کي ڏنل ريليف پئڪيج تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي اولين ترجيح مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيل عوام کي فوري ريليف ڏيڻ آهي. هن چيو ته عوامي ريليف جي لاءِ صوبا ۽ وفاق گڏجي ڪم ڪندا.