اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ??ريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب عوامي سطح تي اسلامي ڀائيچاري جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، پاڪستاني پنهنجي سعودي ڀائرن سان پراڻن لاڳ??پن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي دوري جي تياري جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي وزير ساجد حسين طوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب عوامي سطح تي اسلامي ڀائيچاري جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، پاڪستاني پنهنجي سعودي ڀائرن سان پنهنجي پراڻن لاڳ??پن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو انهن لاڳ??پن کي خاص طور تي روزگار، توانائي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موثر سفارشون جوڙي. واضح رهي ته وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز ??ريف جو هي پهريون پرڏيهي دورو آهي جيڪو ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اڳ کان موجود ٻطرفن اسٽريٽجڪ لااڳپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو.