اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آ??ي ته دنيا کي والاريل ڪشمير ۾ سياسي قيدين سان ڀارتي حڪومت جي ناروا سلوڪ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مشهور ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ کي دهشتگردي جي ڪوڙن الزا??ن ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي کلي عام پائمالين جي خلاف احتجاج جي صدا بلند ڪندڙن جو آ??از خاموش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، هن چيو ته ان حوالي سان مودي حڪومت کان جوابدهي ٿ??ڻ گهرجي.