اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي ??ي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت کي بلوچستان جي محرومين جو چڱي طرح احساس آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قد?? کنيا پيا وڃن، پيٽ جي بيمارين جي روڪٿام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارا خاص طور تي ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل ??سٽاف جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن دهشتگردي جي خاتمي واري وزير نوابزاده شاه زين بگٽي سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ڪئي وئي، ملاقات ۾ نوابزاده شاهه زين بگٽي وزيراعظم کي سومر ڏينهن تي ڊيره بگٽي ۾ پيٽ جي وبا تي ضابطو آڻ?? جي ڪامياب آپريشن جي تفصيلن کان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ وزيراعظم جي انهن قد??ن ۾ خصوصي دلچسپي ۽ بلوچستان جي متاثر خاندانن جي فوري طور تي مدد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم مقامي آبادي کي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان قد??ن کي يقيني بڻائڻ ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچاءُ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت کي بلوچستان جي محرومين جو چڱي طرح احساس آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قد?? کڻي رهي آهي. پيٽ جي وبا جي روڪٿام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارا خاص طور تي ڊاڪٽرز ۽ پيراميديڪل ??سٽاف جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن.