انقره – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وفد سميت وطن واپس روانو ٿي ويو آهي. ايسن بوعا ايئرپورٽ تي ترڪي جي واپار ??اري وزير ڊاڪٽر مهمت موش وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪيو، وزارت عظميٰ جو عهدو ??نڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شر??ف جو ترڪي جو اهو پهريون دورو هو، وزيراعظم شهباز شر??ف دوري دوران صدر رجب طيب اردوان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿيون، صدر اردوان وزيراعظم شهباز شر??ف جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو، ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي 6 يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي گڏيل لوگو جاري ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن اها سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شر??ف سندس ۽ سندس وفد جو والهاڻو استقبال ۽ شاندار ??يزباني تي ترڪ صدر جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم صدر طيب اردوان کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت به ڏني، دوري دوران وزيراعظم ترڪي جي مشهور ڪاروبا??ي ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان به ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم پاڪستان ترڪي بزنس ڪائونسل فورم کي به خطاب ڪيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم جديد ترڪي جي باني مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي به حاض??ي ۽ گلن جي چادر چاڙهي، وزيراعظم سان ترڪ پرڏيهي وزير، صحت واري وزير ۽ واپار ??اري وزير سان ملاقاتون به ڪيون.