اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آ??ي ته بجيٽ ۾ معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي سبسڊي ڏني وئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظ?? چيو ته گذريل حڪومت جي ڀيٽ ۾ هي بجيٽ ڪيتري قسم جي نمايان بهتري ڏيکاري رهي آهي، نوجوانن کي تعليم جا وڌيڪ موقعا ڏنا ??يا آهن جن ۾ بلوچستان کي خاص طور تي اهميت ڏني وئي آهي. هن چيو ته معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي سبسڊي ڏني وئي آهي، سڀ کان اهم رخ اهو ا??ي ته اميرن جي غيرپيداواري اثاثن تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي.