سرگوڌا – 03 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به ڪشمير استحصال ڏهاڙو سڀاڻي 5 آگسٽ تي ملهايو ويندو، ان ڏس ۾ انتظامن ۽ پروگرامن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ جائزه اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هيڊڪوارٽر ارشد احمد وٽو جي صدارت ۾ سندس آفيس ۾ ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 5 آگسٽ جمعته المبارڪ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي شروعات سمو??ين سرڪاري آفيسن ۾ صبح 9 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ سان ٿيندي، ڪشمي??ين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪرڻ ۽ ڪشمي??ين جي آزادي جي جدوجهد جي ح??ايت جي لاءِ صبح 10 وڳي آرٽس ڪائونسل ڪمپليڪس ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويندو جنهن جا شرڪت ڪندڙ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌندا. سيمينار کانپوءِ شرڪت ڪندڙ ڊي پي او چوڪ تائين ڪشمي??ين سان يڪجهي جي اظهار لاءِ هڪ وڏي ريلي پڻ ڪڍندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊائريڪٽر ڪاليجز گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج چاندني چوڪ ۽ گورنمينٽ انبالا مسلم ڪاليج ۾ پڻ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي ح??الي سان مذمتي پروگرام منعقد ڪيا ويندا. اهڙي طرح تعليمي ادارن ۾ به شاگردن کي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي ح??الي سان آگاهي جي لاءِ خصوصي پروگرامز منعقد ڪيا ويندا. اجلاس ۾ سمورن لاڳاپيل کاتن کي ان ڏس ۾ ذميواريون ڏنيون ويون.