اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري عوام کي انهن جي جائز خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي هر ممڪن حمايت جي خاطري ڪرائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل سان ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو، گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود ڄمون ۽ ڪشمير جو پراڻو تڪرار فوري ۽ ذميواري جي احساس سان حل ڪرڻ گهرجي. اڄ جمعي ڏينهن 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقان??ني ۽ هڪطرفي قدمن، مسلسل غيرانساني فوجي ??هيراءُ ۽ ڪشميري عوام جي ناقابل بيان مصيبتن تي بي حسي کي جاري رکندي ٽي سال گذري چڪا آهن. بي جي پي – آر ايس ايس جي اثر هيٺ ڀارتي حڪومت چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي ڪري رهي آهي ۽ غيرقان??ني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي هندوتوا ايجنڊا کي نڪ نرڄائي سان اڳتي وڌائي رهي آهي، ڀارت جي آبادڪاري جي شيطاني سوچ جو محرڪ تڪراري علائقي تي مستقل طور تي قبضو ۽ ڪشميرين جي جدا تشخص کي ختم ڪرڻ جي ??وشش آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارتي قابض فوج 5 آگسٽ 2019ع کان غيرقان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اضافي فوجين جي مقرري ۽ ميڊيا تي غيرمعولي پابنديون هڻي غيرقان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته غيرقان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال گذريل ٽن سالن دوران سنگين طور تي خراب ٿي آهي، ڪشميري عوام اڃا تائين فوجي ??هيراءُ ۾ آهي، ان جي سينيئر قيادت بدستور قيد آهي ۽ انهن جا نوجوان ڀارتي قابض فوج پاران گهيراءُ ۽ تلاشي، آپريشنز جي ذريعي انڌاڌند عدالت کان مٿانهين قتل جو نشانو بڻيل آهن، حقيقت ۾ ڪشميرين کي انهن جي بنيادي حقن ۽ آزادين کان مسلسل م??رو?? رکيو پيو وڃي. شهباز شريف چيو ته اميد جي عين موجب ڪشميري عوام انتهائي جرئت ۽ بهادري سان پنهنجي خلاف ڀارتي ظلمن جي مهم کي ناڪام بڻايو آهي، پاڪستان ڪشميرين جي جائز مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي هر ممڪن حمايت ڪئي آهي، پارليامينٽ ميمبرن، صحافين، انساني حقن جي ??ارڪنن، عالمي انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي برادري جي ميمبرن غيرقان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري سنگين خلاف ورزين تي مسلسل آواز اٿاريو آهي، ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ جارح ۽ غاصب طور دنيا جي آڏو بي نقاب ٿي ويو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه وڏي افسوسناڪ آهي ته غيرقان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت انساني وقار، انصاف ۽ انصاف جي عالمي تصويرن جي ??ليل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، غيرقان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي پنهنجي خودمختياري جي حق جنهن جي ضمانت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??يترين ئي قراردادن تحت ڏني وئي آهي کي حاص ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد کي ڀارتي قابض فوج پاران طاقت جي وحشياڻي استعمال جي ذريعي دٻايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اها ڪشميري عوام جي بي مثال قوت ارادي ۽ همت آهي جنهن انهن کي دهشتگردي ۽ محڪوم بڻائڻ جي هر ڀارتي ڪوشش جو مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻايو آهي. ڀارت پنهنجي سموري ڏاڍ، تشدد ۽ ڌمڪائڻ جي حربن جي باوجود انهن جي آزادي جي تڙپ کي وسائڻ ۽ انهن جي مقامي ۽ جائز مزاحمت کي ڪچلڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي ايجنڊا تي آهي. ان پراڻي تڪرار کي فوري ۽ ذميواري جي احساس سان حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??يئ?? ئي غيرقان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو گهراءُ چوٿين سال ۾ داخل ٿي رهيو آهي، ڪشمير جي عوام جون نظرون ڀارتي ظلمن جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻڻ جي لاءِ انهن تي ڄمي ويون آهن جيڪي بنيادي حقن ۽ آزادين نيز انساني وقار جا علمبردار آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حقيقت ۾ عالمي برادري کي ڀارت تي انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ، آبادياتي تبديلين ۽ غيرقان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي ??ارتي غيرقان??ني قدمن کي روڪڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته ??يئ?? ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي فوري عملدرآمد ذريعي پنهنجي خودمختياري جي حق کي استعمال ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان پنهنجي انهن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جو آواز بڻجندو جيڪي مسلسل لاز??ال قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان انهن جي جائز حقن کي مڪمل حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن حمايت فراهم ڪندو، اسان کي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو.