اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي امداد جي وصولي ۽ ورڇ جي لاءِ شفاف نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن ٻوڏ سٽيل آبادي کي منصفاڻي، موثر ۽ تصديق جوڳي طريقي سان فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. نوابشاهه ۽ دادو، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي ريليف ڪئمپ جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي صدر چي?? ته شايد هي سڀ وڌيڪ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آهي جنهن کي سنڌ منهن ڏنو ۽ ان جي نتيجي ۾ قيمتي جانين، چ??پا??ي مال، ماڻهن جي روزگار جي ذريعن ۽ اهم انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو آهي. هن ٻوڏ جي پاڻي کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ بنيادي ڍانچي جي تباهي، چ??پا??ي مال جي نقصان کي روڪڻ جي لاءِ مناسب جاين ??ي ڊيمن ۽ پاڻي جي ذخيرن جي تعمير تي زور ڏنو. صدر چي?? ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتون، انهن جا ادارا، عالمي برادري، اين جي اوز ۽ پاڪستان ۾ سرندي وارا ماڻهو ترجيحي بنيادن تي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، بي آءِ ايس پي پروگرام ذريعي ٻوڏ متاثرين جي مالي مدد ڪئي پئي وڃي. هن چي?? ته ٻوڏ کان متاثر علاقا ايترا وڏا آهن ۽ ٻوڏ سٽيلن جو انگ ايترو وڌيڪ آهي جو ٻوڏ متاثرين کي گلوبل وارمنگ جي ڪري وڏي پئماني ي ٿيندڙ تباهي ک??ن بچائڻ جي لاءِ امدادي سرگرميون ڊگهي عرصي تائين جاري رکڻيون پونديون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته پاڪستان جي معيشت جيڪا اڳ ۾ ڪوويڊ 19 بابت لاڪ ڊائون جو شڪار ٿي، بعد ۾ روس – يوڪرين جنگ جي نتيجي ۾ سپلائي چين ۾ خلل ۽ هاڻي ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ تمام وڏي قدرتي آفت سان شديد متاثر ٿي آهي. هن چي?? ته ٻوڏ گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري آئي آهي ۽ گلوبل وارمنگ کي وڌائڻ ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته ترقي يافته دنيا گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين ۾ وڏي حصيدار هجڻ جي ناطي ٻوڏ کان متاثرين کي ريسڪيو ۽ ريليف فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر معاشري جي صاحب حيثيت ماڻهن کي به اپيل ڪئي ته اهي اڳتي اچن ۽ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن جي مدد ڪن جيڪي پنهنجي ڇت ۽ روزگار جي ذريعي ک??ن محروم ٿي چڪا آهن ۽ انهن مشڪل حالتن ۾ انهن کي مدد جي سخت ضرورت آهي. هن چي?? ته پاڪستان ۾ آبادگار دوست فصل جي انشورنس سسٽم کي متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن آبادگارن کي فصل جي نقصانن ۽ آفت سان فصل جي تباهي ک??ن بچائي سگهجي. صدر ان موقعي تي پنجاب حڪومت جي تعاون سان نوابشاهه ۽ دادو جي لاءِ 5، 5 ڪروڙ جي مالي امداد جو پڻ اعلان ڪي??. هن ريليف ڪئمپن جي مختلف حصن جو دورو ڪي?? ۽ ٻوڏ متاثرين کان انهن کي ڏني ويندڙ امداد بابت معلوم ڪي??. مقامي انتظاميا صدر کي علائقي ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت بريف ڪي??. صدر نوابشاهه، دادو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. هن بيٺل ٻوڏ واري پاڻي ۽ پاڻي هيٺ فصل، گهرن ۽ انفراسٽرڪچر جي صورتحال تي پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪي??. هن چي?? ته ٻوڏ واري پاڻي کي ڪڍڻ جي لاءِ مختلف کاتن جي وچ ۾ تمام گهڻي محنت ۽ هم آهنگي جي ضرورت هوندي جيڪا ان کانپوءِ حڪومت کي انهن علائقن ۾ بحالي جو مرحلو شروع ڪرڻ جي قابل بڻائيندي. هن لاڳاپيل عملدارن کي چي?? ته اهي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ خصوصي طور تي عورتن، بزرگن ۽ ٻارن جي حفاظت ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائين.