اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اي??يا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن (??يڪ??) بابت ??انفرنس جي ٻن ڏينهن واري ڇهين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي اهم خطاب ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ ”اي??يا رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن“ (??يڪ??) بابت ??انفرنس جي ٻن ڏينهن واري (12 ۽ 13 آڪٽوبر) تي ٿيندڙ ڇهين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪابينا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي اهم خطاب ڪندو. هو پنهنجي خطاب ۾ ايشيائي ملڪن کي درپيش گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، ٺاهن ۽ تعاون جي فروغ جي لاءِ ??يڪ?? جي منفرد فورم طور اهميت اجاگر ڪندو. وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پڻ اجاگر ڪندو. سربراهه اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم ??يڪ?? جي ميمبر ملڪن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو جن ج?? مقصد خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وسيع تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. ??يڪ?? سڄي اي??يا جي 27 ملڪن تي ٻڌل بين الحڪومتي فورم آهي جيڪو 1992ع ۾ قائم ڪيو ويو. ??ن ۾ ننڍي کنڊ اي??يا ۾ امن، سلامتي ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جي فروغ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. ??يڪ?? ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي ذريعي علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر فورم آهي. هي فورم وڏن شعبن ۾ اعتمادسازي جي قدمن کي فروغ ڏي ٿو جنهن ۾ معاشي رخ، ماحولياتي رخ، انساني رخ، نئين چئلينجز ۽ خطرن ۽ فوجي ۽ سياسي رخ شامل آهن. ??يڪ?? جي منشور ۽ هدفن جي ڏس ۾ وزيراعظم جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت مان اهو واضح ٿئي ٿو ته پاڪستان اي??يا ۾ رابطن ۽ معاشي تعاون جي فروغ کي انتهائي اهميت ڏي ٿو.